احسان ايڇ نديم

احسان ايڇ نديم

احسان ايڇ نديم

احسان ايڇ. نديم: ناميارو آرڪيالاجسٽ احسان ايڇ. نديم ولد چوڌري نعمت علي، پهرين اپريل 1940ع تي ساهيوال پنجاب ۾ ڄائو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ساهيوال مان ورتائين، جڏهن ته انٽر گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان ۽ جاگرافيءَ شعبي ۾ ايم. اي 1961ع ڌاري پنجاب يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. 1962ع ۾ قديم آثارن واري کاتي ۾ آرڪيالاجسٽ طور ملازم ٿيو. کيس اسڪالر شپ ڏيئي، قديم آثارن جي علم جي سکيا ڏياري وئي. هن ميوزيالاجيءَ سان گڏ فرينچ ٻوليءَ جي ڪورس جو سرٽيفڪيٽ به حاصل ڪيو. جڏهن کيس فرانس طرفان فيلو شپ ڏني وئي ته اتي سندس استاد سر برنارڊ ايم فيلڊن هو. 1965ع ۾ کيس ميوزمس ڪسٽوڊين ڪيوريٽر بنايو ويو، 1973ع ۾ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ آرڪيالاجي ٿيو، 1982ع کان قديم آثارن واري کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿيو. ان وقت کيس پبليڪيشن جو انچارج به مقرر ڪيو ويو. 1988ع کان 1991ع تائين کيس پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف آرڪيالاجيڪل ٽريننگ اينڊ ريسرچ لاهور جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. مئي 1992ع کان پوءِ کيس ناردرن سرڪل آف آرڪيالاجي ۽ پوءِ سَدرن سرڪل آف آرڪيالاجيءَ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. 31 مارچ 2000ع ۾ آرڪيالاجي کاتي مان رٽائر ٿيو. انهيءَ دوران هن سنڌ جي ڪيترن ماڳن جي سروي ۽ سنڀال جو ڪم ڪيو. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ يونيورسٽيءَ آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي لاهور ۾ ’اڏاوتي ورثي جي درست حالي‘ (Conservation of Architectural Heritage) جو مضمون پڙهائڻ لڳو. ان کانسواءِ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾سندس ڪالم شايع ٿيندا رهيا. هن وقت (2011ع) ديال سنگهه ريسرچ اينڊ ڪلچرل فورم جو ڊائريڪٽر آهي. جڏهن ته هڪ ٽه ماهي رسالو ”پنجاب دي رنگ“ به ڪڍندو آهي، جيڪو گر مکيءَ ۽ شاهه مکي لپيءَ ۾ ڇپجي ٿو. قديم آثارن جي کاتي ۾ نوڪري ڪندي هن ڀنڀور، پنر I، سيدو I ۽ II، موهن جي دڙي ۽ تلمبا جي کوٽائين ۾ حصو ورتو. ڪنزرويٽر طور هن هڙاپا، عمر ڪوٽ قلعي، موهن جي دڙي، لاهور قلعي ۽ ٽيڪسلا جهڙن ماڳن جي سنڀال ڪئي ۽ انهن ماڳن جي ڀرندڙ ڀتين کي اصلي حالت ۾ رکڻ لاءِ ڪم ڪيو. احسان ايڇ. نديم پاڪستان جي انهن آرڪيالاجي جي ماهرن مان هڪ آهي، جنهن جا 300 کن مقالا دنيا جي 25 کان مٿي ملڪي توڙي غير ملڪي رسالن ۾ ڇپيل آهن. هن جي ڪيل کوٽاين جون ڪيتريون رپورٽون ڇپيل آهن، جن ۾ Panr-I جي کوٽائيءَ جي رپورٽ اهم آهي، جيڪا روم مان ٻن جلدن ۾ شايع ٿي آهي. هن سنڌ جي ٿر بابت پڻ هڪ اهم ۽
باتصوير ڪتاب لکيو آهي، ان کانسواءِ ثقافت ۽ تاريخ تي انگريزيءَ ۾ سندس هيٺيان ڪتاب به ڇپيا آهن: (1) موهن جو دڙو (1994ع)، (2) روهتاس (1995ع)، لاهور (1996ع)، (4) هسٽارڪ ماسڪ آف لاهور (1998ع)، (5) مڪلي (2000ع)، (6) ٿر، دي گريٽ پاڪستاني ڊيزرٽ (2001ع)، (7) پورٽريٽ آف سنڌ (2002ع)، بلٽ هيريٽيج آف پاڪستان (2002ع)، (9) بڌسٽ گنڌارا (2003ع)، (10) گارڊنس آف مغل لاهور (2004ع)، (11) فـورٽـس آف پاڪستان (2004ع)، (12) پنجاب (2005ع)،(13) پنجاب اينڊ دي انڊين روولٽ 1857ع (2006ع) (14) هسٽارڪ لينڊ مارڪ آف لاهور (2006ع)، (15) اسلام آباد، پوٺوهار، ٽيڪسلا ويلي اينڊ بيئانڊ (2006ع)، (16) بلوچستان (2007ع)، (17)پشاور (2007ع)، (18) بڌسٽ گنڌارا ٽريزرس: ٽيڪسلا ميوزيم (2008ع)، (19) ٽيڪسلا ان بڌسٽ گنڌارا (2008ع)، (20)، پورٽيٽ آف پنجاب (2009ع)، (21) چولستان ٽو بهاولپور (2009ع) ۽ (22) گولڊن ريز (شاعري). سندس ٻه ڪتاب سردار ڀڳت سنگهه ۽ بيبي نانڪي انٽرنيٽ تي، اليڪٽرانڪ بُڪ طور رکيل آهن


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.04.01  عيسوي

احسان ايڇ. نديم پهرين اپريل 1940ع تي ساهيوال پنجاب ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايڌي عبدالستار
جنجهي غلام محمد
جروار عزيز الله ڪامريڊ
عبدالستار ڏيرو
خير شاهه 2
ڀوڄراج جهمٽ مل موٽواڻي2
جمال فقير خاصخيلي
تنوير جوڻيجو
للت دبي
رستم علي سيد مولوي بکري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون